Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اتحاد بين المسلمين جي لاءِ جناب الطاف حسين جي جدوجهد ۾ تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا عالم سڳورا عملي طور تي حصو بڻجن ٿا. شاهد پاشا


اتحاد بين المسلمين جي لاءِ جناب الطاف حسين جي جدوجهد ۾ تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا عالم سڳورا عملي طور تي حصو بڻجن ٿا. شاهد پاشا
 Posted on: 10/15/2015
اتحاد بين المسلمين جي لاءِ جناب الطاف حسين جي جدوجهد ۾ تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا عالم سڳورا عملي طور تي حصو بڻجن ٿا. شاهد پاشا
سمورا مسلمان اتحاد بين المسلمين تي يقين رکن ٿا ۽ ان جي لاءِ جاکوڙي به رهيا آهن. حيدرعباس رضوي
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ محرم الحرام ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ منعقدٿيندڙ عالمن سڳورن جي اجتماع کي خطاب
ڪراچي: 15 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته جناب الطاف حسين جي اتحاد بين المسلمين، مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ سالن کان جاري جدوجهد ۾ سمورن مڪاتب فڪر جا عالم سڳورا حصو وٺندا پيا اچن جنهن تي اهي زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ محرم شريف ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمن سڳورن ۽ مذهبي اسڪالرن جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ شاهد پاشا چيو ته اڄ اسلامي سال جو پهريون ڏينهن آهي ۽ مان نئين اسلامي سال جي اوهان سڀني کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. انهن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ فرقي واريت جي نالي تي عوام کي ويڙهايو ويندو هو پر جڏهن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جدوجهد ڪئي ته فرقي وارانه فسادن جو هميشه کان خاتمو ٿي ويو آهي. انهن چيو ته محرم شريف جي مجلسن ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار ۽ ڪارڪن به موجود رهندا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سي اي سي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي دعوت تي محرم شريف جي آمد تي عالم سڳورا نائن زيرو تي تشريف آڻي ڪري نائن زيرو ۽ ايم ڪيو ايم کي مان ڏين ٿا. انهن چيو ته نائن زيرو تي منعقد ٿيندڙ اجتماع ۾ پوري مسلمان امت خصوصن پاڪستان ۾ وسندڙ مسلمانن جي لاءِ اهو پيغام ڏنو وڃي ٿو ته سمورن مسلمانن کي گهرجي ته ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به مسلڪ يا فقه سان هجي اهي سڀ اتحاد بين المسلمين تي نه صرف يقين رکن ٿا بلڪه ان جي عملداري جي لاءِ ڪوشان به آهن. ان موقعي تي سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي چيو ته پاڪستان سڀني گڏجي ڪري بڻايو هو ۽ ان ۾ تمام مسلڪن جا ماڻهو شريڪ هئا. پر پاڪستان واحد نظرياتي ملڪ آهي جنهن جي پيدا ٿيندي ئي ان جا دشمن به پيدا ٿي ويا هئا. انهن چيو ته پاڪستان جو اسان جيڪڏهن غور سان جائزو وٺون ته اندازو ٿيندو ته پاڪستان کي ڪنهن به شعبي ۽ اداري ايترو نقصان نه پهايو آهي جيترو نقصان پاڪستان کي پنهنجن جي جهيڙن ۽ مسلمانن جي فروعي اختلافن پهچايو آهي، انهن چيو ته اختلاف هجڻ ڪوئي عيب نه آهي، صحابه ڪرام ۾ به اختلاف ٿيندا هئا. انهن چيو ته 1984 کان وٺي ڪري اسان ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙي طرح هن ملڪ ۾ فرقي واريت کي هوا ڏني وئي ۽ ڪراچي کي ان جو مرڪز بڻايو ويو پر الله تعالٰي ان کان چوٽڪارو اسان کي ان وقت ڏياريو جڏهن جناب الطاف حسين ميدان ۾ مظلومن جي دادرسي جو پيغام کڻي ڪري آيا. 

6/26/2024 2:35:52 PM