جنگ اخبار ڪراچي جي سينيئر سب ايڊيٽر سليم باسط جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 11 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جنگ اخبار جي سينيئر سب ايڊيٽر سليم باسط جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحوم صحافت جي شعبي ۾ هڪ مقام رکندا هئا ۽ انهن جون صحافتي خدمتون تعريف جي لائق آهن. انهن مرحوم جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****