Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي غيرقانوني گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي غيرقانوني گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/11/2015
رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي غيرقانوني گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 11 آڪٽوبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن نارٿ ناظم آباد ۾ نارٿ ناظم آباد سيڪٽر يونٽ 143 جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر شيخ نعمان، ڪارڪن راحيل ۽ يونٽ 174 جي ڪارڪن تفصل حسين کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح رينجر بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 112 بي جي ڪارڪن محمد ڪاشف کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي خاتمي جي بجاءِ شهر جي سڀني کان وڏي جماعت ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امن و امان قائم ڪرڻ جا ڪوڙا دعوٰي به ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان گرفتار ٿيندڙ ڪارڪنن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن کي اختياريون اورانگهڻ جي غير قانوني ۽ غير آئيني عمل کي بند ڪرائين. 
*****

7/17/2024 1:30:22 PM