Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بهادر آباد ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان پوليس جي اهلڪارن جي شهادت جو واقعو مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


بهادر آباد ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان پوليس جي اهلڪارن جي شهادت جو واقعو مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/9/2015
بهادر آباد ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان پوليس جي اهلڪارن جي شهادت جو واقعو مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 9 آڪٽوبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به پوليس جي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به دهشت گرد کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي سمت کي درست ڪيو وڃي ۽ سياسي بنيادن تي ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ انهن اصل دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي پوليس وارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ وڏي آزادي سان گهمي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي پوليس جي اهلڪارن جي شهادت تي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي شهيد پوليس اهلڪارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

7/17/2024 1:16:36 PM