Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي اليڪٽرڪ نيپرا جي ڪنزيومر سروس مينيويل جي کليل خلاف ورزي ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪي اليڪٽرڪ نيپرا جي ڪنزيومر سروس مينيويل جي کليل خلاف ورزي ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/9/2015
ڪي اليڪٽرڪ نيپرا جي ڪنزيومر سروس مينيويل جي کليل خلاف ورزي ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 9 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ بجلي جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ وفاقي سطح تي هڪ ڪميٽي بڻائي وڃي جيڪا پارليامينٽ کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪري. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پرائيويٽ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو سمورو ڌيان صرف ۽ صرف صارفين کان جعلي بلن جي ذريعي وصولين تي مرڪوز ڪري ڇڏيو آهي ۽ بجلي جي ترسيل جي نظام جي بهتري ۽ لوڊشيڊنگ ۾ ڪمي جي لاءِ به ڪي ضروري قدم نه کڻي رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ نيپرا جي ڪنزيومر سروس مينوئل جي کليل خلاف ورزي ڪري رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جهڙي طرح تمام تر قانوني تقاضن کي هڪ پاسي رکي ڪري صارفين کان زبردستي پيسا وصول ڪري رهي آهي اهو ڀتو وصول ڪرڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي واري شهر کي ڪي اليڪٽرڪ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي نه ٿو سگهجي. شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي غير قانوني ۽ جعلي بلن جي وصولين کان روڪيو وڃي ۽ جعلي بل بڻائڻ وارن آفيسرن جي خلاف قانون جي مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

7/17/2024 1:45:37 PM