Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر اهلڪارن ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر اهلڪارن ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/9/2015
رينجر اهلڪارن ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 9 آڪٽوبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 121 بي جي سرڪل انچارج طاهر امتياز، انهي يونٽ جي جوائنٽ سرڪل انچارج عدنان ، ايم ڪيو ايم ماڙي پور سيڪٽر يونٽ مواڇ ڳوٺ جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبرن محمد ابراهيم ۽ محمد رفيق سنگهار، ايم ڪيو ايم لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 156 جي ڪارڪن غلام فريد ۽ ايم ڪيو ايم شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن ارشد شاھ کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن کي دهشت گردن تائين محدود رکڻ جي بجاءِ ان کي ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ سراسر غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي. جنهن جي سمورن محب وطن، پرامن ۽ جمهوريت پسند حلقن کي مذمت ڪرڻ گهرجي. رابطا ڪميٽي ملڪي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ان جي خلاف آواز به بلند ڪن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين ۽ ڪراچي آپريشن کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي پاليسي کي رڌ ڪيو وڃي. 
*****

7/17/2024 1:15:53 PM