ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن کي جهڙي طرح سان چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 9 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان فائرنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پوليس اهلڪارن کي جهڙي طرح سان چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي اهو قابل مذمت آهي. انهن دهشت گردي جي انهن واقعن تي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو. جناب الطاف حسين دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ پولس اهلڪارن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
*****