ايم ڪيو ايم ميرپور خاص زون جهڏو سيڪٽر جي شهيد ڪارڪن اختر قائم خاني جي والد شفيع محمد خان جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي: 10 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زون جهڏو سيڪٽر جي شهيد ڪارڪن اختر قائمخاني جي والد شفيع محمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ مرحوم جي جنازي نماز جهڏو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني، ميرپورخاص زون جي انچارج مجيب الحق ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****