Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪجھ ٽي وي چينلن جي طرفان اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر جي سامهون ايم ڪيو ايم جي مظاهري ۾ لڳايل نعرن کي حقيقت جي خلاف پيش ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.


ڪجھ ٽي وي چينلن جي طرفان اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر جي سامهون ايم ڪيو ايم جي مظاهري ۾ لڳايل نعرن کي حقيقت جي خلاف پيش ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
 Posted on: 10/10/2015
ڪجھ ٽي وي چينلن جي طرفان اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر جي سامهون ايم ڪيو ايم جي مظاهري ۾ لڳايل نعرن کي حقيقت جي خلاف پيش ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
شڪاگو: 10 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪجھ اينڪر پرسنن جي طرفان ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي خلاف گمراھ ڪندڙ پروفيگنڊي جي ڀرپور مذمت ڪندي ان کي مهاجر قوم ۽ ان جي واحد نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري سازشن جو تسلسل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪميٽي چيو ته 30 سيپٽمبر تي اقوام متحده جي هيڊ ڪوارٽر جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويو هو پر ڪجھ اينڪر پرسنن جي طرفان ان حوالي سان پاڪستاني عوام ۾ ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي خلاف گمراھ ڪندڙ پروفيگنڊو ڪري ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن کي پاڪستان دشمن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به صورت ۾ خدمت نه آهي. ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر قوم ڪالھ به محب وطن هئا ۽ اڄ به آهن. ڪميٽي چيو ته اقوام متحده جي سامهون مظاهري جي دوران ڪجھ ڪارڪنن نعرا پاڪستان ۾ جاري ظالمانه ۽ وڏيراڻه  نظام کان آزادي جي لاءِ هنيا هئا پر انهن نعرن کي حقيقت جي خلاف پيش ڪرڻ صحافتي بدديانتي آهي.ڪميٽي چيو ته منفي پروفيگنڊن ڪرڻ وارن ۾ جيڪڏهن ذري برابر به اخلاقي جرت آهي ته انهن کي گهرجي ته اهي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي مظاهري جي مڪمل ڪوريج ۽ ان ۾ لڳايل نعرا پنهنجن چينلن تي ڏيکارين ۽ پنهنجي صحافتي بدديانتي تي قوم کان معافي وٺن. 
*****


7/17/2024 1:26:12 PM