Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪراچي آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/10/2015
ڪراچي آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 10 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نارٿ ناظم آباد، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي مان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 9 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي بي ڏوهي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جمعي جي ڏينهن به اورنگي ٽائون، لياقت آباد ۽ ماڙي پور مان ايم ڪيو ايم جي 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري رهيو. رابطا ڪميٽي چيو ته ساده لباس ۾ ملبوس سرڪاري اهلڪارن نارٿ ناظم آباد سيڪٽر يونٽ 143 بي جي يونٽ انچارج عرفان نواب ۽ ڪارڪنن قربان، محمد فهيم، عادل سنجراڻي ۽ ماني کي گرفتار ڪري ورتو. شاھ فيصل ڪالوني مان رينجر يونٽ 103 جي ڪارڪنن تصور ۽ فيصل ۽ يونٽ 109 جي ڪارڪن ياسين کي انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ڪورنگي مان ساده لباس ۾ ملبوس سرڪاري اهلڪارن يونٽ 70 جي ڪارڪن اشفاق کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح 24 ڪلاڪن جي اندر ايم ڪيو ايم جي 15 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي هر طرح جي سياسي سرگرمين جي آزادي مليل آهي، ايستائين جو پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد به آزادانه طور تي پنهنجيون سرگرميون انجام ڏيئي رهيا آهن. پر صرف ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي جهڙي طرح سان چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ جهڙي طرح سان لاپتا ڪيو پيو وڃي اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي ڪڇليو پيو وڃي، ڪراچي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري امن جو راڳ الاپڻ وارا ڪراچي جي شهرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائين. 
*****


7/17/2024 1:26:52 PM