Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نارٿ ناظم آباد، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 9 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي بي ڏوهي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم.


نارٿ ناظم آباد، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 9 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي بي ڏوهي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم.
 Posted on: 10/10/2015
نارٿ ناظم آباد، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 9 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي بي ڏوهي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم.
ڪراچي: 10 آڪٽوبر 2015 
             ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري آپريشن جي سلسلي ۾ رينجر ۽ پوليس ڪراچي جي علائقن نارٿ ناظم آباد، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 9 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي بي ڏوهي گرفتار ڪري ورتو آهي.تفصيلات جي مطابق ڇنڇر جي صبح سادل لباس ۾ ملبوس سرڪاري اهلڪارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا. سرڪاري اهلڪارن نارٿ ناظم آباد يونٽ 143 بي جي يونٽ انچارج عرفان نواب ۽ انهي يونٽ جي ڪارڪنن قربان، محمد فهيم، عادل سنجراڻي ۽ ماني، شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 103 جي ڪارڪنن تصور ۽ فيصل ۽ يونٽ 109 جي ڪارڪن ياسين ۽ ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 70 جي ڪارڪن اشفاق کي انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري ورتو. واضع رهي ته رينجر جمعي تي به شاھ فيصل ڪالوني، اورنگي ٽائون ۽ ماڙي پور ۾ ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي 6 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري ورتو هو. اهڙي طرح 24 ڪلاڪن جي اندر ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي 15 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن کي هن مهل تائين ڪنهن به ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. 
*****

7/17/2024 1:38:20 PM