Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر ظلمن، ڏاڍ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي بلند ڪيل آهن، ان تي اهي سلام تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


تمام تر ظلمن، ڏاڍ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي بلند ڪيل آهن، ان تي اهي سلام تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/8/2015
تمام تر ظلمن، ڏاڍ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ڪراچي جا ماڻهو ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي بلند ڪيل آهن، ان تي اهي سلام تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 8 آڪٽوبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تمام تر رياستي ظلمن، ڏاڍ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ڪراچي جا ماڻهو جهڙي طرح جرت ۽ همت سان ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي بلند ڪيل آهن ان تي اهي سلام تحسين جا مستحق آهن. اها ڳالھ انهن خميس جي رات نارٿ ڪراچي ۾ ڪارڪنن ۽ همدردن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ همدردن کي چيو ته اسان محرومن ۽ مظلومن جي حقن جي حصول جي لاءِ سچ ۽ حق جي تحريڪ شروع ڪئي هئي، ڪيترن ئي سالن کان پنهنجن حقن کان محروم ماڻهن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تي پنهنجي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. انهن فرمايو ته حق ۽ سچ جي ان جدوجهد ۾ انهن وڏيون قربانيون ڏنيون. اڄ به آپريشن جي دوران ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن، گرفتارين ۽ سرڪاري عقوبت خانن ۾ انهن تي وحشياڻي تشدد جا واقعا ٿي رهيا آهن. ماڻهو انتهائي ڏکين حالتن ۾ مار کائي کائي جيلن ۾ وڃي رهيا آهن ۽ وڏي تڪليف جو شڪار آهن پر ان جي باوجود ڪراچي جا شهري ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي بلند ڪيل آهن. ان تي مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين ان موقعي تي موجود قومي اسيمبلي جي ميمبر ريحان هاشمي کي به انهن جي ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو. انهن اتي موجود ڪارڪنن ۽ بزرگن کي چيو ته اوهان پنهنجن ٻارن، امڙين، ڀينرن ۽ پاڙي وارن کي به منهنجو سلام پهچايو.

7/17/2024 1:25:40 PM