ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي زير اهتمام دربار سهيلي سرڪار تي شهيداء زلزلي جي ورسي جي موقعي تي دعائيه تقريب جو انعقاد.
مظفر آباد: 8 آڪٽوبر 2015
شهداء زلزلي جي ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي زير اهتمام دربار سهيلي سرڪار تي دعائيه تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. ان موقعي تي غريب عوام ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان کاڌو به ورهايو ويو. دعائيه تقريب ۾ طاهر کوکر ۽ ٻيا ذميوار به موجود هئا. ان موقعي تي طاهر کوکر شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايم ڪيو ايم اهڙي طرح ئي خدمت جو سفر جاري رکندي.
*****