Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪمال ملڪ جي رهائي تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.


ڪمال ملڪ جي رهائي تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
 Posted on: 10/8/2015
ڪمال ملڪ جي رهائي تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
لنڊن: 8 آڪٽوبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي رهائي تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ ڪمال ملڪ جي گهر وارن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. اهي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي رينجر جي حراست مان رهائي کان پوءِ نائن زيرو تي ڪمال ملڪ، انهن جي گهر واري ۽ ٻارن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪري رهيا هئا.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ مختلف شعبن جا ذميوار به موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪمال ملڪ جي گرفتاري کان پوءِ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ، شعبه خواتين، ايلڊرونگ ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن سان گڏو گڏ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جا ميمبر به سڄي رات ڄاڳندا رهيا ۽ پل پل جي خبر وٺندا رهيا. الله تعالٰي جو شڪر آهي ته ڪمال ملڪ کي رهائي نصيب ٿي جنهن تي هڪ هڪ ساٿي زبردست خراج تحسين جو مستحق آهي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ڪمال ملڪ جي گهر واري ۽ ٻارن کي خصوصي مبارڪباد به پيش ڪئي.
*****

7/17/2024 1:38:50 PM