معروف قانون دان جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار.
ڪراچي: 3 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي شاعر مشرق علامه اقبال جي فرزند ۽ معروف قانون دان جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي پونئرن ۽ وڪلا برادري سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه ڊاڪٽر فاروق ستار به جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****