ممتاز دانشور ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن: 3 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ممتاز دانشور ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي جميل الدين عالي جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. واضع رهي ته جميل الدين عالي هن وقت سخت بيمار آهن ۽ هڪ اسپتال ۾ انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾ داخل آهن.
*****