شاعر مشرق علامه اقبال جي فرزند جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 3 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شاعر مشرق علامه اقبال جي فرزند جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي جسٽس جاويد اقبال مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****