Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ٽي وي چينل کي 2008 ۾ ڏنل وزير داخلا چوڌري نثار جي انٽرويو جي تحقيقات ڪرائين.ڊاڪٽر فاروق ستار.


وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ٽي وي چينل کي 2008 ۾ ڏنل وزير داخلا چوڌري نثار جي  انٽرويو جي تحقيقات ڪرائين.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 10/3/2015
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ٽي وي چينل کي 2008 ۾ ڏنل وزير داخلا چوڌري نثار جي  انٽرويو جي تحقيقات ڪرائين.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڇا چوڌري نثار جو بيان اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي آهي يا فوج کي بدنام ڪرڻ  جي سازش آهي؟ ڊاڪٽر فاروق ستار جو سوال.
اسان پنهنجي جماعت ۾ ڏوهاري ماڻهن جو احتساب ڪري رهيا آهيون. سيد شاهد پاشا.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 3 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ميڊيا تي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان جي طرفان سابق آرمي چيف جنرل پرويز مشرف سان منسوب ڪيل بيان نشر ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي برطانيه ۾ جناب الطاف حسين جي زندگي ۽ انهن جي تحفظ جي باري ۾ سخت خطرا لاحق ٿي ويا آهن.1992 کان وٺي ڪري اڄ تائين ايم ڪيو ايم تي جناح پور ۽ را جو ايجنٽ هجڻ جا الزام لڳايا ويا آهن پر اڄ تائين ڪوئي به الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ 68 سالن کان جاري فرسوده ۽ موروثي سياسي نظام ۾ ڏار وڌا ۽ ملڪ ۾ عوامي انقلاب برپا ڪيو جنهن جي ڏوھ ۾ ئي ايم ڪيو ايم کي رياستي آپريشن ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين تي 92 کان اڳ ئي ٽي ڀيرا خطرناڪ حملا ٿيا هئا. جنهن کان پوءِ ڪارڪنن ۽ ان وقت جي مرڪزي ڪميٽي جناب الطاف حسين کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو هو ۽ اهي اڄ تائين ملڪ کان ٻاهر مقيم آهن، چوڌري نثار جي پرويز مشرف سان منسوب ڪيل بيان ايم ڪيو ايم جي ان سياسي فيصلي کي  اڄ درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڪهاڻيون ٽي وين تي هلايون پيون وڃن . پر ڪنهن به ڪهاڻي کي عدالت ۾ ثابت نه ڪيو ويو آهي. اسان جي رهنمائن کي سازشون ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جي قتلن جو الزام به اسان جي بي گناھ ڪارڪنن جي مٿان وڌو پيو وڃي. انهن مطالبو ڪيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽي وي چينل تي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار جي 2008 ۾ ڏنل انٽرويو جي تحقيقات ڪرائين ۽ اسان جي سوالن جا جواب به ڏين ته ڪٿي چوڌري نثار جو بيان فوج کي بدنام ڪرڻ جي سازش ته نه آهي؟ ڇا چوڌري نثار جو بيان جناب الطاف حسين جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي آهي يا فقط هڪ سياسي بيان آهي. انهن ان خطري جو اظهار ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته متان چوڌري نثار جي بيان جو لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل سان ڪوئي تعلق هجي ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ان سازش ڪندڙن جو آسان حدف هجن جنهن جي ڪري ئي انهن کي نشانو بڻايو ويو هجي ۽ انهي خطري کي سامهون رکندي اسان چوڌري نثار جي مذڪوره انٽرويو جي ڪاپي اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي به موڪلي رهيا آهيون. انهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي به اپيل ڪئي ته اهي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جي تحقيقات ۾ وفاقي وزير داخلا جي بيان کي به شامل تفتيش ڪن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڌٻائڻ جي لاءِ ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن ڇو ته ايم ڪيو ايم مظلومن جي ترجماني ڪري ٿي. انهن چيو ته اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي اسان جي ئي حق پرست ايم پي ايز ساجد قريشي ۽ رضا حيدر شهيد جي قتلن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته دنيا ميڊيا تي ڏٺو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن پابندي وڌل تنظيمن سان تعلق رکندڙ دهشت گردن کي انهن ايم پي ايز جي قتلن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. انهن چيو ته دنيا ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا الزام ثابت ٿيڻ تائين ڪنهن به ڏوهاري جي سڃاڻپ مڪمل ظاهر نه ٿا ڪن. پر اسان جي ملڪ ۾ بي گناھ ماڻهن کي گرفتار ڪري ميڊيا تي انهن جو تماشو بڻايو پيو وڃي. انهن چيو ته انهن سمورن پروفيگنڊن جي باوجود عوام اڄ به ايم ڪيو ايم تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته اسان پنهنجي جماعت ۾ ڏوهاري ماڻهن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون ۽ انهن جو احتساب به ڪري رهيا آهيون . انهن چيو ته اسان جي ڳڻتي صحيح ثابت ٿي وئي ته ڪراچي کي ايم ڪيو ايم کان ڇني ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ انهن وسيم اختر جي خلاف بي بنياد ايف آئي آر کي سچ ڳالهائڻ جي سزا قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وسيم اختر کي پارٽي جو موقف بهادري سان بيان ڪرڻ تي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن مطالبو ڪيو ته اسان جي الزامن کي درست يا غلط ثابت ڪرڻ جي لاءِ غير جانبداراڻه جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي جتي اسان سموريون شاهديون ۽ ثبوت پيش ڪنداسين. 
نوٽ: شهيد ٿيندڙ حق پرست ايم پي ايز ساجد قريشي ۽ رضا حيدر جي قاتلن جي گرفتارين جي متعلق مختلف نشرياتي ادارن جي ويب سائيٽس جا لنڪ ايڊريس به هن خبر سان گڏ موڪلي رهيا آهيون.
*****

7/17/2024 6:14:09 PM