Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواز شريف جي جمهوري دور ۾ محب وطن مهاجر قوم ۽ ان جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم سان تعصب ۽ امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي.


نواز شريف جي جمهوري دور ۾ محب وطن مهاجر قوم ۽ ان جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم سان تعصب ۽ امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي.
 Posted on: 10/1/2015
نواز شريف جي جمهوري دور ۾ محب وطن مهاجر قوم ۽ ان جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم سان تعصب ۽ امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي.
نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهري کي خطاب.
نيويارڪ: پهرين آڪٽوبر 2015 
             ڪراچي ۾ مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي مٿان ظلمن ۽ ناانصافين جي خلاف اقوام متحده جي آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي چيو ته نواز شريف جي جمهوري دور ۾ محب وطن مهاجر قوم ۽ ان جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي خلاف تعصب ۽ آمرانه سلوڪ ڪيو پيو وڃي. جيڪو پاڪستان ۾ انهن جي جمهوري حڪومت جو هڪ خوفناڪ چهرو پيش ڪري ٿو. انهن چيو ته پاڪستان ۾ مهاجرن جي خلاف ٿيندڙ لڳاتار ظلمن، ناانصافين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي انساني حقن جي ادارن جي خاموشي به سمجھ کان ٻاهر آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته اسان پاڪستان ۾ انصاف، قانون ۽ انساني حقن جون تعريفون ڪرڻ وارن مقتدر ادارن جو دروازو ڪيترائي ڀيرا کڙڪايو پر ڪائي به شنوائي نه ٿي ۽ ان جي ڪري ئي اڄ اسان هتي اقوام متحده جي آفيس جي سامهون احتجاج ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته اها ڪهڙي رياست آهي جو جتي هٿ ٺوڪيل شريعت جي نالي تي بي گناھن جا ڳلا ڪٽڻ وارن، انهن جي حمايت ۽ سهولت ڪارن کي ته هر طرح جي آزادي آهي. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو.پر ان جي بدلي ۾ ڪراچي کي ڪجھ به نه ٿو ملي. مظاهري کي خطاب ڪندي جوائنٽ انچارج محمد ارشد حسين چيو ته امن و امان جي قيام جي لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم کي ڇتيو پيو وڃي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ خاطبن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ۽ انهن جا سهولت ڪار ۽ ڏوهاري ماڻهو ته کلي عام گهنمدا پيا وتن پر انهن کي پڪڙڻ وارو ڪوئي به نه آهي. ان کان پوءِ انهن اقوام متحده ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارن جي طرفان ڪئي ويندڙ زيادتين ۽ ظلمن جي خلاف شاهدين سان گڏ هڪ پٽيشن به جمع ڪرائي وئي. 
*****

6/30/2024 9:26:59 AM