Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/1/2015
ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: پهرين آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ بلديه جي ٻين ادارن تي ڇاپا هڻي ڪري آفيسرن ۽ ملازمن جي خلاف ڪاروائي ڪئي هئي ۽ هاڻي سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن جي اداري جي ذريعي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي خلاف يلغار شروع ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪيو پيو وڃي ۽ ڪراچي سان تعلق هجڻ جي بنياد تي انهن کي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪرپشن جي سخت خلاف آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ يقينن سنجيدگي سان ڀرپور ۽ بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃڻ گهرجي ۽ ڪرپشن ۾ جيڪو به ملوث هجي ان جي خلاف قانون جي مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي پر هتي سوال اهو آهي ته ڇا ڪرپشن ۽ بي قائدگيون صرف ۽ ڪراچي جي مڪاني ادارن ۾ ئي ٿي رهيون آهن؟ ڇا صوبائي ادارن ۾ ڪائي به ڪرپشن نه ٿي رهي آهي؟ ڇا پوري سنڌ جي ضلعي ادارن ۾ ڪائي به ڪرپشن ۽ بدعنواني نه ٿي رهي آهي؟ رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي جي مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي خوف زده ڪرڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي. 
*****

6/30/2024 9:28:29 AM