سابق گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ڊين آئي بي اي جي ڊاڪٽر عشرت حسين جي والده جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن: پهرين آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق گورنر اسٽيٽ بينڪ و انسٽيٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ جي ڊين ڊاڪٽر عشرت حسين جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****