Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن کي جمهوريت جي نرسري سمجهي ٿي. وسيم اختر.


ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن کي جمهوريت جي نرسري سمجهي ٿي. وسيم اختر.
 Posted on: 10/1/2015
ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن کي جمهوريت جي نرسري سمجهي ٿي. وسيم اختر.
بدقسمتي سان گذريل 7 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ جماعتن عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکيو.
ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو ڄار وڇائي ڪري ان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: پهرين آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم بنيادي جمهوريت تي يقين رکي ٿي ۽ مڪاني اليڪشن کي جمهوريت جي نرسري سمجهي ٿي جنهن ۾ عوام جي بنيادي مسئلن کي انهن جي دروازن تي وڃي ڪري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. پر بدقمستي سان گذريل ستن سالن کان حڪومت ڪندڙ جماعتن عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ان سلسلي ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ اندرون سنڌ ۾ اميدوارن وڏي تعداد ۾ پنهنجا فارم جمع ڪرايا آهن، ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي جي لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي لاءِ 286 حق پرست اميدوارن پنهنجا ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرايا آهن، اهڙي طرح ٻئي مرحلي جي لاءِ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نواب شاھ ڊويزن جي لاءِ به 1578 حق پرست اميدوارن ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرايا آهن. جڏهن ته ڪراچي جي حوالي سان قرباني جي عيد کان پهرين ئي عوامي سطح تي اميدوارن جي اٽرويوز جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم اها واحد جماعت آهي جنهن عوام کي اهو حق ڏنو آهي ته ڪوئي به عام شخص مڪاني اليڪشن جي پليٽ فارم تان نامزد ٿي ڪري هن شهر جي عوام جي خدمت ڪري سگهي ٿو ۽ اهو هتي اچي ڪري انٽرويو ڏيئي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ باقائده ضلع جي سطح تي به انٽرويو پينل تشڪيل ڏنو ويو آهي. جيڪو رابطا ڪميٽي، سي اي سي، مرڪزي اليڪشن سيل ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن تي ٻڌل آهي. انهن چيو ته ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ شهري علائقن تي ٻڌل 209 يونين ڪائونسلون آهن، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن جون به 38 يونين ڪائونسلون آهن ۽ ايم ڪيو ايم سڀني ۾ پنهنجا نمائندا نامزد ڪري رهي آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ 1254 چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جا انٽرويو مڪمل ٿي ويا آهن. جڏهن ته جنرل ڪائونسلرن جي 2508 اميدوارن جا انٽرويز مڪمل ڪيا ويا آهن. 209 يونين ڪائونسلن ۾ 1254 خواتين ڪائونسلرن، ليبر ڪائونسلرن جا 627 ، اقليتي ڪائونسلرن جي لاءِ 627 ۽ يوٿ ڪائوسلرز جي لاءِ به 627 اميدوارن جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي ڊويزن ۾ انٽرويو ڏيندڙن جي ڪل تعداد 6897  آهي. اهڙي طرح ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي 209 يونين ڪائونسلن جي لاءِ به 2299 اميدوار هن طرح سان هوندا جو چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي تعداد 418، جنرل ڪائونسلرن جي تعداد 836 مخصوص سيٽون برائي  خواتين 418، ليبر ڪائونسلرن جي 209 ، يوٿ ڪائونسلرن جي تعداد 209 ۽ اقليتي ڪائونسلرن جي تعداد به 209 آهي جيڪا ڪل ملائي ڪري 2299 بڻجي ٿي. انهن چيو ته پوين ڏينهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ به ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا. هاڻي پنجاب، اندورن سنڌ ۽ ڪراچي کان به اسان جا نمائندا انشاء الله تعالٰي وڏي تعداد ۾ ڪامياب ٿيندا. انهن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ واضع طور تي لکيل آهي ته جيڪا به حڪومت اچي ته اها سڀني کان پهرين مڪاني اليڪشن ڪرائي پر هتي حڪومتن مڪاني اليڪشن نه ڪرائي ڪري آئين جي واضع طور تي خلاف ورزي ڪئي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته ٻين جماعتن وانگر ايم ڪيو ايم کي به آزادي سان اليڪشن مهم هلائڻ ڏني وڃي.
*****

6/30/2024 9:26:41 AM