پاڪستان ايسوسي ايشن فوٽو جرنلسٽ جي صدر۽ فوٽو جرنلسٽ مجيب الرحمٰن کي شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي: 30 سيپٽمبر 2015
پاڪستان ايسوسي ايشن فوٽو جرنلسٽ جي صدر ۽ سينيئر فوٽو جرنلسٽ مجيب الرحمٰن کي شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز گلشن اقبال نمبر 4 ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن امين الحق، عبدالحسيب ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزده، سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****