پاڪستان ايسوسي ايشن فوٽو جرنلسٽ جي صدر ۽ سينيئر فوٽو جرنلسٽ مجيب الرحمٰن جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن: 30 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان ايسوسي ايشن فوٽو جرنلسٽ جي صدر ۽ سينيئر فوٽو جرنلسٽ مجيب الرحمٰن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****