Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گرمي ۾ اضافي سان گڏ ئي بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۾ اضافي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست مستعفي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 گرمي ۾ اضافي سان گڏ ئي بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۾ اضافي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست مستعفي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 9/30/2015
 گرمي ۾ اضافي سان گڏ ئي بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۾ اضافي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست مستعفي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 30 سيپٽمبر 2015 
             قومي اسيمبلي جي حق پرست مستعفي ميمبرن ڪراچي ۾ گرمي جي وڌڻ سان گڏ ئي بجلي جي غير اعلانيه ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته هڪ طرف ته ڪي اليڪٽرڪ وڌيڪ بلنگ ۽ مختلف هٿڪنڊن جي ذريعي شهرين کي لٽي رهي آهي ۽ ٻئي طرف شهري بجلي جي بلن جي باقائده ادائگي جي باوجود نه صرف لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهيا آهن، بلڪه وڌيڪ بلن جو بار به کڻي رهيا آهن. انهن چيو ته رمضان شريف ۾ به سخت گرمي ۽  بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو لُڪ لڳڻ جي ڪري هلاڪ ٿي ويا هئا،پر ان جي باوجود به ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي غير اعلانيه ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪرڻ عوام سان وڏو ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ بجلي جي غير اعلانيه ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ شهرين کي لوڊشيڊنگ جي عذاب  کان ڇوٽڪارو ڏيارين. 
*****

7/17/2024 6:13:10 PM