سانحه 30 سيپٽمبر 1988 حيدرآباد ۽ پهرين آڪٽوبر جي شهيدن جي 27 هين ورسي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ڪراچي: 30 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه 30 سيپٽمبر 1988 حيدرآباد ۽ پهرين آڪٽوبر ڪراچي جي شهيدن جي 27 هين ورسي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع ڪراچي ۾ لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، مستعي حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، شعبن جي ذميوارن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ڪارڪنن ۽ شهيدن جي پونئرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا تنوير الحق ٿانوي شهيدن جي بلند درجات، اسير ڪارڪنن جي جلد رهائي، حق پرست جدوجهد جي ڪاميابي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي، ملڪ ۾ امن و امان جي قيام ۽ دهشت گردي جي خاتمي کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعا به ڪرائي.
*****