عامر العباد ۽ انهن جي گهر واري جي بيهوده ۽ ڪوڙن الزامن جي نه صرف مان ترديد ڪريان ٿو بلڪه انهن جي مذمت به ڪريان ٿو .رئوف صديقي.
ڪراچي: 29 سيپٽمبر 2015
سابق صوبائي وزير رئوف صديقي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عامر العباد ۽ انهن جي گهر واري ڊاڪٽر شهلا رضا جي بيهوده ۽ ڪوڙن الزامن جي مان نه صرف ترديد ڪريان ٿو بلڪه انهن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت به ڪريان ٿو. انهن چيو ته عامر العباد ۽ انهن جي گهر واري سان ڪيترن ئي سالن کان منهنجي ملاقات نه ٿي آهي ۽ نه ئي انهن سان ڪو ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي خصوصن ڊاڪٽر شهلا سان ته منهنجو ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي. انهن چيو ته ٻه سال اڳ مان گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي عامر العباد جي ڌوڪي ۽ ملندڙ شڪايتن جي باري ۾ آگاھ ڪيو هو جنهن تي انهن به انهن کان سخت بيزاري جو اظهار ڪيو هو. نذير حسين يونيورسٽي جي سابق چانسلر انهن کي سولر لائيٽس جو ڪم ڏنو هو، انهن جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري يونيورسٽي جو وقت ۽ پيسو ٻئي برباد ٿيا. رئوف صديقي چيو ته عامر العباد ۽ انهن جي گهر واري جي بيهوده الزامن تي مان عدالت ۾ انهن ٿي هرجاڻي جو مقدمو دائر ڪندس.