ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 30 سيپٽمبر 1988 ۽ پهرين آڪٽوبر جي 27 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي: 29 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه 30 سيپٽمبر 1988 ۽ پهرين آڪٽوبر جي شهيدن جي 27 هين ورسي جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويندا. قرآن خواني جو مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي، شهيدن جا پوئنر ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا.