Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه 30 سيپٽمبر 1988 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سانحه 30 سيپٽمبر 1988 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 9/30/2015
سانحه 30 سيپٽمبر 1988 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سانحه 30 سيپٽمبر تي بيان
لنڊن: 29 سيپٽمبر 2015
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سانحه 30 سيپٽمبر 1988 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. سانحه 30 سيپٽمبر جي 27 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته 30 سيپٽمبر 1988 تي ڪيترين ئي گاڏين تي سوار دهشت گردن حيدرآباد جي مختلف علائقن جي بازارن ۾ داخل ٿي ڪري دڪاندارن، فٽ پاٿن تي ۽ گهرن جي ٻاهران بيٺل ماڻهن تي گوليون وسايون ۽ اڌ ڪلاڪ تائين انهن جو قتل عام ڪيو جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ معصوم ۽ بي گناھ مهاجر شهيد ٿي ويا هئا ۽ سوين مهاجر زخمي به ٿيا هئا. اڌ ڪلاڪ جي ان قتل عام جي دوران فوج، رينجر ، پوليس ۽ ٻيو ڪوئي به قانون نافذ ڪرڻ وارو ادارو مهاجرن کي بچائڻ جي لاءِ نه آيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سانحه 30 سيپٽمبر معصوم ۽ بي گناھ مهاجرن تي ظلم جو هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته هن سانحي کي 27 سال گذري چڪا آهن پر اڄ تائين هڪ به قاتل گرفتار نه ٿيو آهي ۽  نه ئي ان قتل عام جي تحقيقات ڪرائي وئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي نوجوانن کي ته ڪوڙن مقدمن ۽ من گهڙت الزام لڳائي ڪري گرفتار ڪيو پيو وڃي پر مهاجرن جي ان قتل عام جي قاتلن کي ته گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سانحه 30 سيپٽمبر جي شهيدن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو ۽ وحشي قاتلن تي الله تعالٰي جو عذاب نازل ٿيندو.انهن شهيدن جي پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي سمورن شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.


7/17/2024 6:10:35 PM