Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرجاني ٽائون، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار


سرجاني ٽائون، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار
 Posted on: 9/29/2015
سرجاني ٽائون، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار
ڪراچي: 29 سيپٽمبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان سرجاني ٽائون، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر سرجاني ٽائون سيڪٽر يونٽ 2 جي ڪارڪنن محمد ڪامران ۽ محمد حسين صديقي، لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 52 جي ڪارڪن محمد عمران ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 107 جي ڪارڪن جمال خانزاده جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري انهن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي لڳاتار ڇاپا هنيا پيا وڃن جنهن جي ڪري انهن جي گهر وارن ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار۽  ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل فوري طور تي بند ڪرائين. 


7/17/2024 1:26:22 PM