Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن جي باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪراچي آپريشن جي باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 9/28/2015
ڪراچي آپريشن جي باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي ۾ آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي
رينجر سڄي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي مرڪزن تي ڇاپا هڻي ڪري هزارين کلون ڇنيون، ڪيترن ئي ڪارڪنن، ذميوارن ۽ کلن ڏيڻ وارن همدردن کي به گرفتار ڪيو. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 29 سيپٽمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي ۽ ڪراچي آپريشن جي باري ۾ ڊي جي رينجر سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جو بيان حقيقتن جي بلڪل خلاف آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ٻن سالن جي دوران صرف ايم ڪيو ايم ئي اها جماعت آهي جنهن جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، صرف ايم ڪيو ايم جي ئي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جا درجنين ڪارڪنَ گرفتاري کان پوءِ اڄ تائين لاپتا آهن. ايم ڪيو ايم جي ئي مرڪز تي ٻه ڀيرا ڇاپو هنيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ئي سياسي سرگرمين تي پابندي عائد آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ئي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف تي رمضان شريف ۾ رينجر باقائده اعلان ڪري زڪوٰت ۽ فطري تي پابندي هنئي ۽ هاڻي عيد الاضحٰي جي موقعي تي به کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي. رينجر ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪي ڪي ايف جي آفيسن ۽ مختلف مرڪزن تي وڏي پيماني تي ڇاپا هڻي ڪري نه صرف ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري کان هزارين کلون ڇنيون بلڪه کلون گڏ ڪندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن، ذميوارن ۽ کلون ڏيندڙ همدردن کي به گرفتار ڪري ورتو. انهن تمام تر حقيقتن جي باوجود ڊي جي رينجر بلال اڪبر جو اهو چوڻ ته ڪراچي ۾ آپريشن ڪنهن هڪ جماعت جي خلاف نه ٿي رهيو آهي اهو بلڪل حقيقت جي خلاف آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪو سلوڪ ايم ڪيو ايم سان ڪيو پيو وڃي،جيڪو رياستي تشدد ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، عهديدارن، ڪارڪنن ۽ همدردن جي خلاف ڪيو پيو وڃي ڇا اهو ڪنهن ٻئي سياسي يا مذهبي جماعت جي خلاف ڪيو پيو وڃي؟ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪوڙ ۽ فريب جي ذريعي ۽ ميڊيا تي پابنديون لڳائي ڪري حقيقتن تي پردو وجهي نه ٿو سگهجي. حقيقتون ڇا آهن اهي دنيا جي سامهون اچي رهيون آهن ۽ دنيا ڄاڻي رهي آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي.

7/17/2024 1:23:42 PM