Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف جي نيويارڪ آمد جي موقعي تي ايم ڪيو ايم نيويارڪ جو ڪراچي ۾ ناانصافين جي خلاف احتجاجي مظاهرو


وزير اعظم ميان نواز شريف جي نيويارڪ  آمد جي موقعي تي ايم ڪيو ايم نيويارڪ جو ڪراچي ۾ ناانصافين جي خلاف احتجاجي مظاهرو
 Posted on: 9/28/2015
وزير اعظم ميان نواز شريف جي نيويارڪ  آمد جي موقعي تي ايم ڪيو ايم نيويارڪ جو ڪراچي ۾ ناانصافين جي خلاف احتجاجي مظاهرو
نيويارڪ: 28 سيپٽمبر 2015 
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام وزير اعظم ميان نواز شريف جي نيويارڪ آمد جي موقعي تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف غير اعلانيه رياستي آپريشن، ان جي فلاحي سرگرمين تي پابندي ۽ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل آرگنائزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج محمد ارشد حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيويارڪ ۾ مقيم پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. انهن پنهنجن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا کنيا هئا ۽ اهي نعرا به هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گندا هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا پر الله سائين جي ڪرم سان ايم ڪيو ايم اڄ به قائم آهي ۽ ڪارڪنن جي دلين مان جناب الطاف حسين جي محبت کي به ختم نه ڪيو ويو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر ايم ڪيو ايم کي ظلم جو نشانو بڻائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي انهن شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي 30 سيپٽمبر تي اقوام متحده جي سامهون مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.


7/17/2024 1:40:38 PM