نقاش ڪاظمي جي گهر واري جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
ڪراچي: 28 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نامور شاعر نقاش ڪاظمي سان انهن جي گهر واري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي نقاش ڪاظمي سميت مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.