Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان 30 سيپٽمبر تي اقوام متحده جي سامهون احتجاجي مظاهري جو اعلان


ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان 30 سيپٽمبر تي اقوام متحده جي سامهون احتجاجي مظاهري جو اعلان
 Posted on: 9/28/2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان 30 سيپٽمبر تي اقوام متحده جي سامهون احتجاجي مظاهري جو اعلان
مظاهرو وزير اعظم ميان نواز شريف جي جنرل اسيمبلي جي خطاب جي موقعي تي ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جو اعلان
نيويارڪ: 28 سيپٽمبر 2015 
ايم ڪيو ايم آمريڪا وزير اعظم ميان نواز شريف جي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خطاب جي موقعي تي هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. احتجاجي مظاهرو نيويارڪ ۾ 30 سيپٽمبر تي صبح جو 9 وڳي ٿيندو. ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان جاري ڪيل هڪ اعلان جي مطابق مظاهري جو مقصد عالمي برادري کي پاڪستان ۾ جاري مهاجرن جي نسل ڪشي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گمشدگي، غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين، ماورائي عدالت قتلن، ڪراچي ۾ مذهبي انتها پسندن جي قبضي جي سازش، نون صوبن جي ضرورت ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ انٽرويوز تي غير آئيني پابندين کان آگاھ ڪرڻ آهي. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن سميت آمريڪا جي 20 شهرن مان چيپٽر انچارجن ، ڪميٽي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائزنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، جوائنٽ انچارج محمد ارشد حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي تيارين جو تفيصلي جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار به ڪيو ويو. ان کان علاوه سينٽرل ڪميٽي آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها مظاهري ۾ شرڪت ڪري عالمي برادري کي اهو پيغام ڏيئي ته اها پاڪستان ۾ مهاجرن جي خلاف نفرت، تعصب ۽ رياستي تشدد بند ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ اختيار رکندڙ ڌرين تي پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪري. 


7/17/2024 1:34:47 PM