ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين عيدالاضحٰي جي نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي.
ڪراچي: 25 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪيف الورٰي، شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سي اي سي ميمبرن، حق پرست مستعفي سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ علائقي جي عوام عيد نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي. عيد نماز کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر، تحريڪ جي ڪاميابي ۽ حق پرست شهيدن جي بلند درجات سميت پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون ويون. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن عوام کي عيد جي مبارڪباد به ڏني.
*****