Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر کلي عام ڪي ڪي ايف جا کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇنندي رهي.رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


رينجر کلي عام ڪي ڪي ايف جا کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇنندي رهي.رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 9/25/2015
رينجر کلي عام ڪي ڪي ايف جا کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇنندي رهي.رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن ايستائين جو جهادي تنظيمن کي به کلون گڏ ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏني وئي . نديم نصرت.
لنڊن: 25 سيپٽمبر 2015 
            ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت عيدالاضحٰي جي موقعي تي رينجر جي جانبداراڻه ڪردار، ڪي ڪي ايف جا کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي رضاڪارن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مقامي انتظاميه کان ضابطه اخلاق جي پابندي جي باوجود رينجر کلي عام سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي ۾ ڪي ڪي ايف جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريون. هزارين کلن سان ڀريل ٽرڪ ۽ سوزڪيون  زبردستي ڇني ڪري قبضي ۾ ورتيون ۽ عورتن سميت سوين  رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته رينجر پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ان جو اصل ايجنڊا ڪراچي ۾ امن جي بحالي نه بلڪه صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ڇٿڻ آهي. انهن چيو ته هڪ طرف ته رينجر جي طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن ايستائين جو جهادي تنظيمن کي به کلون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بينر ۽ پوسٽر هڻڻ جي ۽ کلون گڏ ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي ۽ ٻئي طرف رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم دشمني ۾ ڪي ڪي ايف جا بينر لاٿا ويا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند، قانون پسند ۽ جمهوريت جماعت آهي ۽ رينجر جي سمورن ظلمن ۽ ڏاڍائين جي باوجود صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي پر جيڪڏهن رينجر جي طرفان ظلمن جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ۽ حق پرست عوام جي سياسي سرگرمين تي پابندي ختم نه ڪئي ته پوءِ پرامن عوام جي صبر جو پيمانو به لبريز ٿي سگهي ٿو. جنهن جي ذميواري رينجر جي مٿان هوندي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ان سنگين صورتحال جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ان معاملي ۾ مداخلت ڪن. 
*****

7/17/2024 1:36:05 PM