Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ضابطه اخلاق جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


رينجر ضابطه اخلاق جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 9/25/2015
رينجر ضابطه اخلاق جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪي ڪي ايف جي انتظاميه ضابطه اخلاق تي مڪمل طور تي عمل ڪري رهي آهي.
رينجر جي طرفان هزارين کلن جا ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ سراسر غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي.
فيڊرل بي ايريا جي طارق گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 25 سيپٽمبر 2015 
            ڪي ڪي ايف جي چيف ٽرسٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪي ڪي ايف انتظاميه جي بڻايل ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو آهي پر جڏهن ته رينجر جي طرفان ضابطه اخلاق جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته عيد جي موقعي تي انتظاميه جا اجازت نامه، فلاحي اداري جا اٿارٽي ليٽر ۽ شناختي ڪارڊ هجڻ جي باوجود به رينجر عيد جي پهرين ڏينهن ئي اسان جي درجين ڪارڪنن کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪيو آهي ۽ عوام جي طرفان عطيو ڪيل هزارين کلن سان ڀريل ٽرڪ ۽ سوزوڪيون به ضبط ڪيون آهن. جيڪو سراسر غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن عيد جي پهرين ڏينهن فيڊرل بي ايريا جي طارق گرائونڊ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. انهن ڪي ڪي ايف جي طرفان صحافين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اڄ عيد الاضحٰي آهي ۽ هر سال وانگر هن سال به ڪي ڪي ايف جا لکين رضاڪار يتيمن، مسڪينن ۽ غريبن جي خدمت جو جذبو کڻي ڪري قرباني جون کلون گڏ ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اهي رضاڪار کلون ڇني نه رهيا آهن بلڪه عوام پنهنجي مرضي سان کلون ڏيئي رهيا آهن. ۽ ان سلسلي ۾ ڪي ڪي ايف جي طرفان انهن وٽ اٿارٽي  ليٽر، انتطاميه جو اجازت نامو ۽ شناختي ڪارڊ به آهن. جيڪو ضابطه اخلاق جي عين مطابق آهي ۽ جنهن کان پوءِ انهن کي کلن ڇڻڻ جي الزامن ۾ گرفتار ڪرڻ سراسر غير قانوني آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ضابطه اخلاق تي مڪمل طور تي عمل ڪري رهي آهي.انهن چيو ته اسان جي ڪراچي فيڊرل بي ايريا 4 ۾ ڊمپنگ پوائنٽ  آهي ان کان علاوه سڄي شهر ۾ 26 علائقائي ڪيمپ قائم آهن جنهن جا اجازت نامه به اسان وٽ موجود آهن. انهن چيو ته اسان انتظاميه سان پورو تعاون ڪيو آهي جيڪڏهن ڪٿي به ڪو زبردستي ڪري رهيو آهي ۽ زبردستي کلون ڇني رهيو آهي ۽ جنهن گهر کان زبردستي کل وصول ڪئي پئي وڃي ان جي شڪايت جو ازالو ٿيڻ لازمي آهي. انهن چيو ته 20 سوزڪيون ۽ 10 ٽرڪ کلن سان ڀريل هئا جن کي طارق گرائونڊ نه اچڻ ڏنو ويو ۽ انهن م تقريبن 10 هزار کلون هيون جن کي ضبط ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي لوڻ نه هنيو ويو ته اهي خراب به ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر فاروق ستار وڌيڪ تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته نارٿ ناظم آباد يونٽ 178 جي جوائنٽ انچارج سيد وقاص احمد ۽ ڪميٽي ميمبر انيس جيڪي کلن جي گاڏين سان گڏ اچي رهيا هئا ته انهن کي رينجر گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح فيڊرل بي ايريا يونٽ 151 ۾ اي پي ايم ايس او ۽ سيڪٽر بي جي ٻن ڪارڪنن عمر ۽ ضياء الدين، فيدرل بي ايريا يونٽ 155 کان ليبر ڊويزن پي ٽي سي ايل جي يونٽ انچارج ۽ جوائنٽ انچارج کي 25 ساٿين ۽ کلن جي ٽرڪن سميت، فيڊرل بي ايريا جي يونٽ انچارج لقمان عارف، ڪميٽي ميمبر محسن ۽ ڪارڪن شڪيل دربار، ڊفينس جي علائقي پي اينڊ ٽي ڪالوني کان رينجر ڪارڪنن ۽ ٻن کلن جي ٽرڪن ۽ انهي هنڌ کان ڪارڪن نديم ۽ نيشنل بينڪ ليبر ڊويزن جي ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو، ابراهيم حيدري سيڪٽر يونٽ نوراني بستي جي جوائنٽ انچارج عتيق الرحمٰن، ايم اين اي محبوب عالم جي سامهون اورنگي سيڪٽر ايلڊر ونگ جي جوائنٽ انچارج مشتاق، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 126 جي حد مان يونٽ انچارج سليم ۽ ڪارڪن شفيق کي 200 کلن سميت، ڪورنگي يونٽ 78 مان ڪارڪن راشدکي 25 کلن سميت، لانڍي يونٽ 86 مان امان الله کي کلن جي ٽرڪ سميت، لانڍي يونٽ 83 جي فنانس سيڪٽريٽري احمد، اهڙي طرح شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 103 بي مان رينجر کلن جي ٽرڪ سميت ڪارڪن نسيم ۽ ڊرائيور، شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 106 جي پوائنٽ کان کلن جو ٽرڪ ۽ يونٽ 103 بي جي مرڪزي ڪيمپ کان 60 کلون رينجر ڇني ورتيون ۽ ڪارڪن هاشمي، بلال ۽ ٻن همدردن، اهڙي طرح يونٽ 100 شاھ فيصل ڪالوني مان ڪارڪن جبار، ملير يونٽ 97 مان رينجر ٽن ڪارڪنن سجاد حيدر، طارق ۽ شيري کي گرفتار ڪري ورتو.ناظم آباد يونٽ 170 جي ڪارڪن فريد کي کلن جي سوزڪي سميت گرفتار ڪري ورتو، لياقت آباد يونٽ 158 مان ڪارڪنن بابر ۽ محمد يوسف کي کلن جي ٻڻ سوزڪين سميت، اهڙي طرح سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 62 جي ڪارڪن فيروز عالم کي کلن جي سوزڪي ۽ موسٰي ڪالوني ما 70 کلون ڇني ورتيون،جڏهن ته سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 65 جي امبر ٽاور کان وسيم شوڪت ۽ آصف کي رينجر کلن سميت گرفتار ڪري ورتو.نارٿ ڪراچي يونٽ 134 جي علائقي 11 ايڇ جي ڪارڪنن عادل ۽ فيضان کي گرفتار ڪري ورتو. سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 65 کان ئي ليبر ڊويزن ايڇ بي ايل جي ڪارڪنن سليم بيگ ۽ فريد کي گاڏي سميت گرفتار ڪيو ويو. پي آئي بي ڪالوني سيڪٽر يونٽ 58 اي جي ايلڊر ونگ جي ڪارڪن  کي کلن جي ڀريل ٽرڪ سميت گرفتار ڪيو ويو، پي آئي بي يونٽ 55 جي ڪارڪن فيصل سومرو ۽ اي پي ايم ايس او جي ٽن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ناظم آباد گلبهار يونٽ 181 ۾ رينجر ٽرڪ کي ڊرائيور ۽ ڪارڪن طارق علي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کلن جا ٽرڪ به پاڻ سان کڻي وئي. سرجاني ٽائون مان علاقائي ڪيمپ تان شعبه خواتين جي باجين ۽ سيڪٽر انچارج ريحان حسين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، نيو ڪراچي يونٽ 134 مان ٽرڪ جي ڊرائيور ڪمال ۽ يونٽ ڪميٽي جي ميمبر عدنان شيخ کي کلن جي گاڏي سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ نيوڪراچي مان ئي ڪارڪن غيور کي گرفتار ڪيو ويو، فيڊرل بي ايريا پي آئي بي پوائنٽ کي رينجر سيل ڪري ڇڏيو ۽ بابر، انيس ۽ طارق مقصود کي رينجر وارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته رياستي ادارن جي ساک داءُ تي لڳي جتي جتي ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي اسان  انهن سان مڪمل تعاون ڪنداسين. انهن چيو ته اسان پنهنجي بي وسي جو روئڻ ڪنهن جي اڳيان روئون ۽ ڪنهن جو دروازو کڙڪايون. انهن چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن اها ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي آهي. ڪي ڪي ايف کي تحريري اجازت نامو مليل آهي پر عملي طور تي اجازت نه ڏني وئي آهي جيڪو پنهنجي جڳھ تي هڪ غير قانوني ۽ افسوسناڪ عمل آهي. انهن مطالبو ڪيو ته جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ان معاملي جو نوٽس وٺن ۽ ضبط ڪيل هزارين کلن جا ٽرڪ ۽ سوزڪيون واپس ڪرائين ۽ سي اي سي ميمبر نور حسين ۽ نواب شاھ جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم سميت سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين.
*****

7/17/2024 1:44:46 PM