Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجر جي طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪرائڻ جي لاءِ فورن مداخلت ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجر جي طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪرائڻ جي لاءِ فورن مداخلت ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/25/2015
آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجر جي طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪرائڻ جي لاءِ فورن مداخلت ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رينجر ڪيترن ئي هنڌن تي کلن جا ٽرڪ اهو چئي ڪري ضبط ڪري ورتا ته اهي کلون ڇنيل آهن.
رابطا ڪميٽي ٽن ڏينهن کان پوءِ اجلاس طلب ڪري ۽ زيادتين جي خلاف ڀرپور پرامن احتجاجي مهم جو آغاز ڪري.جناب الطاف حسين.
لنڊن: 25 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت سمورن پاڪستانين کي عيدالاضحٰي جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي ملڪ جي سلامتي ۽ ڀلائي جي لاءِ دعائون به ڪيون آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي اطلاعون ملي رهيون آهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رينجر جي مقامي آفيسرن ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر جي مرضي تي ڪيترن ئي هنڌن تي کلن جا ٽرڪ اهو چئي ڪري ضبط ڪري ورتا آهن ته اهي کلون ڇنيل آهن. ان سان گڏو گڏ کلون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ڪيترن ئي رضاڪارن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اڄ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عيد جا ٽي ڏينهن اهي جيترو ظلم چاهين ڪري وٺن پر ٽن ڏينهن کان پوءِ رابطا ڪميٽي اجلاس گهرائي ۽ ڊي جي رينجر ۽ رينجر جي انهن آفيسرن جي خلاف جيڪي نفرت، تعصب ۽ عصبيت جي بنياد تي ڪاروائي ڪري رهيا آهن، انهن جي خلاف ڀرپور پرامن احتجاجي مهم جو آغاز ڪري. انهن عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي غلامي جي زندگي کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان احتجاجي مهم ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪن. آخر ۾ جناب الطاف حسين آرمي چيف جرنل راحيل شريف جيڪي پاڪ فوج جا جنرل ئي نه بلڪه هڪ پروفيشنل سپاهي به آهن، انهن کي اپيل ڪئي ته اهي رينجر جي طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي مداخلت ڪن ۽ رينجر جا جيڪي عناصر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشت گردي جي خلاف آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي کاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ان  کي فوري طور تي روڪرائين ۽ آپريشن کي ان جي اصل حدف تائين محدود رکن ته جيئن حالتون قابو کان ٻاهر نه ٿي سگهن. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي يقين ڏياريندي چيو ته ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر ان گروپ جو اهم حصو آهي جيڪو اوهان جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. 
*****


7/17/2024 1:35:21 PM