Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان رضاڪارن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ تي ڪي ڪي ايف کلون گڏ ڪرڻ جي مهم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


رينجر جي طرفان رضاڪارن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ تي ڪي ڪي ايف کلون گڏ ڪرڻ جي مهم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 9/26/2015
رينجر جي طرفان رضاڪارن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ تي ڪي ڪي ايف کلون گڏ ڪرڻ جي مهم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
زيادتين ۽ ناانصافين جون تفصيلات وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي موڪليون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
طارق گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 26 سيپٽمبر 2015 
            ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪي ڪي ايف رينجر جي طرفان رضاڪارن ۽ عوام جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين، قرباني جي کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ ۽ عوام کي خوف زده ڪرڻ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ کلون گڏ ڪرڻ جي مهم جو  بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن طارق گرائونڊ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، سيد شاهد پاشا رابطا ڪميٽي جا ميمبر محمد حسين، محترمه زرين مجيد، ريحانه نسرين، گلفراز خان خٽڪ، عارف خان، عبدالقادر خانزاده، مطيع الرحمٰن، ارشد حسن، زاهد منصوري ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين کان قوم کي آگاھ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جو سهارو وٺي رهيا آهيون. انهن رضاڪارن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ هزارين کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي ڪي گذريل 37 سالن کان عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون گڏ رهندي رهي آهي ۽ هن ڀيري به قرباني جون کلون گڏ ڪري رهي هئي ته رينجر ظلمن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، پر انهن تمام تر ظلمن جي باوجود سنڌ جي شهري علائقن جي عوام خصوصن ڪراچي جي حق پرست عوام قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي ڏنيون. جنهن تي قوم جي امڙين، ڀينرن، نياڻين، نوجوانن ۽ بزرگن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج تحسين ۽ مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. انهن چيو ته رينجر جي رويي مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته جئين جو رياست ۾ ڪا الڳ رياست قائم آهي.ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، سکر ۽ نواب شاھ ۾ رينجر وارن جهنگ جو قانون نافذ ڪري ڇڏيو ۽ کلون ڏيندڙن ۽ کلون خريد ڪرڻ وارن ٺيڪيدارن کي به سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون . انهن چيو ته ڪراچي ڪمشنر جي طرفان ڪي ڪي ايف کي ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويو هو پر قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جو آغاز ٿيندي ئي اسان کي خبر پئي ته ڪي ڪي ايف جي لاءِ رينجر جو ڳجهو ضابطه اخلاق ترتيب ڏنو ويو آهي. اسان جي رضاڪارن ته شهري حڪومت جي ضابطه اخلاق تي مڪمل عمل ڪيو پر ائين لڳي ٿو ته ضابطه اخلاق ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري کي ڪڇلڻ ۽ اسان جي فلاحي سرگرمين کي ڪڇلڻ جي لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي.انهن چيو ته شهر ۾ ڪنهن به فلاحي اداري جا ٽرڪ نه ڇنيا ويا ۽ نه ئي انهن جي رضاڪارن کي خوف زده ۽ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي طرف پابندي وڌل تنظيمن جي ڪارڪنن کي به کلي عام کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن سان اسان کي خطرو آهي ته ڪي ڪي ايف کان ڇنيل کلون پابندي وڌل جهادي تنظيمن ۾ ورهايون ويون آهن. انهن چيو ته علائقن ۾ کلون سڙي رهيون آهن ان جي ڪري اسان عوام کي درخواست ڪئي آهي ته اهي پنهنجيون کلون وڪڻي ڪري انهن جا پيسا ڪي ڪي ايف جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائين. انهن چيو ته ميڊيا تي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن جي طرفان کلون ڇڻڻ جون ڪوڙيون خبرون هلرائي ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته جيڪڏهن اسان جي رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ته پوءِ اسان جي رضاڪارن کان ڇنيل تقريبن 60 هزار کان وڌيڪ کلون ۽ ٽرڪن کي به ميڊيا جي سامهون پيش ڇو نه ڪيو ويو آهي. جي ايڇ ڪيو ۽ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪرڻ وارن جي متعلق مڪمل ڄاڻ  ميڊيا کي فراهم نه ڪئي وئي آهي پر ڪراچي ۾ بي گناھن کي گرفتار ڪري ميڊيا تي ٽڪر هلرايا پيا وڃن . انهن چيو ته رمضان شريف ۾ به ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ کان روڪيو ويو هو ۽ اسان صرف 25 سيڪڙو ئي زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪري سگهيا هئاسين.انهن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف جمهوريت جو راڳ ڳائي رهيا آهن پر انهن جي حڪومت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اسان جي احتجاج ۽ پريس ڪانفرنسن کي به ڏيکارڻ تي غير اعلانيه پابندي هنئي وئي آهي ۽ ميڊيا کي به يرغمال بڻايو ويو آهي. انهن چيو ته وقت هميشه هڪ جهڙو نه رهندو آهي، جيڪڏهن حڪومت ۽ طاقتور ادارن انهن واقعن جو نوٽس نه ورتو ته ڪالھ اهو سلوڪ ملڪ جي ڪنهن ٻئي فلاحي اداري سان به ٿي سگهي ٿو. انهن چيو ته اسان سموري صورتحال کان وزير اعظم ميان نواز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيارکي فيڪس ۽ ٽپال جي ذريعي آگاھ ڪيو آهي ۽ هاڻي وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي جواب جو انتظار ڪري رهيا آهيون. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن ۾ رينجر جي طرفان ڪئي ويندڙ ناانصافين جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪن ته سڄي دنيا کي رينجر جي ظلمن جي خبر پئي. انهن رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر نور حسن،نواب شاھ جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ۽ سرجاني سيڪٽر جي انچارج ريحان جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. 
*****

7/17/2024 1:27:49 PM