Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مستعفي ٿيندڙ سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا استعيفٰي ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ورتا ويندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مستعفي ٿيندڙ سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا استعيفٰي ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ورتا ويندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/28/2015
مستعفي ٿيندڙ سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا استعيفٰي ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ورتا ويندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
صوبي جو نعرو عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪو آهي ۽ صوبي جي قيام تائين ايم ڪيو ايم جي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 28 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اهو پارٽي جو فيصلو آهي ته مستعفي سينيٽر ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجا استعيفٰي واپس نه وٺندا.صوبي جو نعرو عوام جي دلين جي دڙڪڻ بڻجي چڪو آهي ۽ صوبي جي قيام تائين ايم ڪيو ايم جي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي. اها ڳالھ انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر، مستعفي سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ مختلف شعبن جي ميمبرن کان سواءِ عورتن ۽ بزرگن سميت ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن جو جوش ۽ خروش ڏسڻ وٺان هو. اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن کي عيد جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ حج جي دوران ڀاڄ پوڻ جي ڪري سوين حاجين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ جي دردناڪ سانحي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ان سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ حاجين جا درجات بلند فرمائي، انهن جي پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي به عطا فرمائي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته بانيان پاڪستان جي اولادن تي 1947 کان وٺي ڪري پاڪستان ۾ ظلم ڪيو پيو وڃي، جيڪو وڌندي وڌندي ايستائين پهچي چڪو آهي جو هاڻي مهاجرن کي نه ته عيد جون خوشيون ملهائڻ ڏنيون پيون وڃن ۽ نه ئي انهن کي فلاحي ڪمن جي اجازت ڏني پئي وڃي. 11 جون 1978 کان وٺي ڪري 2015 تائين 37 سالن جي جدوجهد جي دوران هزارين ساٿي شهيد ڪيا ويا، اسان پنهنجي دل تي پٿر رکي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي ذميوارن سان هٿ ملايو پر انهن هر ڀيري وعدي خلافي ڪئي. 1992 جي لاپتا ساٿين جي ڏک کي هڪ پاسي رکي ڪري وري دوستي جو هٿ ملايو ته جيئن اسان جون جائز شڪايتون دور ڪيون وڃن. مهاجرن سان نوڪرين ۽ تعليم ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو وڃي پر اڄ 2015 ۾ به ڇاپن جي دوران عورتن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي ۽ بزرگن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري چيو پيو وڃي ته اسان توهان جون نسلون تبديل ڪرڻ آيا آهيون. انهن فرمايو ته 2013 ۾ اي پي سي جي ڪانفرنس ۾ اهو طئه ڪيو ويو هو ته ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ آپريشن ڪيو ويندو ۽ اهو آپريشن اشتهاري ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف هوندو ۽ ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف نه هوندو. انهن فرمايو ته عيد جي پهرين ڏينهن ۽ ٻئي ڏينهن رينجر ڪي ڪي ايف کي ڏنل کلن سان ڀريل ٽرڪ ۽ ٻيون گاڏيون ڇني ورتيون. شهر جي مختلف علائقن ۾ گڏ ڪيل کلون کڻي وئي ۽ انهن کي مختلف سياسي، مذهبي ۽ جهادي تنظيمن ۾ ورهايو ويو. رينجر جي طرفان نه صرف ايم ڪيو ايم تي لعن و طعن ڪئي وئي. بلڪه ان جي بي گناھ ڪارڪنن کي به وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪيو ويو، هڪ هنڌ جڏهن رينجر کلن سان ڀريل ٽرڪ ڇڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته علائقي جون عورتون ٽرڪ جي اڳيان سمهي پيون جنهن تي رينجر جي آفيسرن ٽرڪ ڊرائيور کي چيو ته انهن عورتن تي ٽرڪ چڙهائي ڇڏيو پر ڊرائيور جڏهن اهو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي به تشدد جو نشانو بڻائي ڪري گرفتار ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جيڪي وڏا ظلم مهاجرن تي ڪيا آهن اهڙا ظلم ته هندستان جي فوج به مقبوضه ڪشمير جي مسلمانن تي نه ٿي ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي ڪي ايف جا رضاڪار رمضان شريف ۽ عيدالاضحٰي جي موقعي تي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا ته جيئن شهيدن جي بيوائن ۽ يتيمن جي ڪفالت ڪري سگهجي. ڪي ڪي ايف جي تحت يونيورسٽي، اسپتال، اسڪول، فيلڊ اسپتال، گشتي شفاخانه، بلڊ بينڪون، ايمبولينسون، ميت بس سروس ۽ سرد خانن جي ذريعي غريب عوام جي خدمت ڪري سگهجي. زميني ۽ آسماني آفتن کان متاثر خاندانن جي مدد ڪري سگهجي. پر ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت، فطري ۽ قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ کان روڪي ڪري انهن فلاحي منصوبن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. رينجر جي وحشياڻي ظلمن هلاڪو خان ۽ چنگيز خان جي ظلمن کي به شرمنده ڪري ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان پنهنجي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، گرفتارين کان پوءِ انهن کي لاپتا ڪرڻ، رياستي ظلمن ۽ ناانصافين جي خلاف احتجاجن سينيٽ ۽ اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفٰي ڏنا ۽ اهو پارٽي جو فيصلو آهي ته اهي استعيفٰي ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ورتا ويندا ۽ ظلمن ۽ ناانصافين جي خلاف هر سطح تي آواز بلند ڪئي ويندي ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي ويندي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اها بدقسمتي آهي ته وردي پائي ڪري وطن جو دفاع ڪرڻ وارا رينجر اهلڪار کلون ڇنندا رهيا، جيڪي چورن، ڌاڙيلن ۽ ڀته خورن کي پڪڙن آيا هئا اهي پاڻ ئي چور ۽ ڌاڙيل بڻجي چڪا آهن. جن ڪي ڪي ايف جون کلون ڇني ڪري پابندي وڌل تنظيمن جي حوالي ڪري ڇڏيون. انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن غريبن، بيوائن، يتيمن ۽ مسڪينن جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ انهن کي قيامت جي ڏينهن انهن ظلمن ۽ ناانصافين جو جواب ڏيڻو پوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اها ظلم ۽ ناانصافي جي انتها آهي ته ايم ڪيو ايم جا بي گناھ ڪارڪن ماريا ويندا رهن ۽ بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪيا ويندا رهن پر هتي مظلومن جي ڌانهن ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر اسان جي معصوم ۽ بي گناھ ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪري رهي آهي.جڏهن اسان رينجر جو نالو وٺون ٿا ته ڪجھ نام نهاد تجزيه نگار ان تي باھ ٿي وڃن ٿا، پر جيڪڏهن اعتراض ڪرڻ وارا پاڻ ان تڪليف مان گذرن ها ته انهن کي ان ڏک جو احساس ٿئي ها، انهن فرمايو ته اسان کي سنڌ جي عوام کي رياستي ظلمن کان نجات ڏيارڻي آهي. ڀلي ان جي لاءِ اسان کي ڪهڙي به قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي. انهن ڪارڪنن کي چيو ته اهي پرامن احتجاج جون تياريون شروع ڪري ڇڏين. انهن فرمايو ته ننڍي کنڍ جي آزادي جي تحريڪ جي دوران جليانواله باغ ۾ آزادي چاهيندڙن جو هڪ اجتماع ٿيو ته انگريز فوج جي جنرل ڊائر جي حڪم تي آزادي جي متوالن تي گوليون وسايون ويون ۽ سوين بي گناھ نوجوانن، بزرگن ، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪيو ويو. پاڪستان ۾ مهاجرن تي رينجر جي ظلمن جنرل ڊائر جي ظلمن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. انهن فرمايو ته جنهن به زمين تي خدا بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ته الله تعالٰي ان کي مڪافات عمل کان گذاريو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته لڳاتار ظلمن ۽ ناانصافين جي ڪري هاڻي عوام اهو سمجهن ٿا ته هڪ الڳ صوبو ئي انهن جي مسئلن جو حل آهي. صوبي جو نعرو عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪو آهي ۽ صوبي جي قيام تائين ايم ڪيو ايم جي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي. ان موقعي تي عوام“ مهاجر جي  مجبوري آهي صوبو ضروري آهي” جا زوردار نعرا به هنيا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جو اختتام پنهنجن انهن مشهور شعرن تي ڪيو.
وفا ڪروگي......وفا ڪرين گي.
جفا ڪروگي ......جفا ڪرين گي.
ڪرم ڪروگي.... ڪرم ڪرين گي.
ستم ڪروگي ......ستم ڪرين گي.
هم آدمي هين تمهاري جيسي
جو تم ڪروگي وه هم ڪرين گي.
*****

7/17/2024 1:27:21 PM