سنڌ حڪومت ڪي ايم سي جي ملازمن کي عيد کان اڳ ٽن مهينن جون پگهارون نه ڏيئي ڪري انهن کي عيد جي خوشين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جا مستعفي حق پرست ميمبر.
ڪراچي: 24 سيپٽمبر 2015
سنڌ اسيمبلي جي مستعفي حق پرست ميمبرن ڪي ايم سي جي استادن ۽ ٻين ملازمن کي ٽن مهينن جون پگهارون نه ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪي ايم سي جي استادن ۽ ٻين ملازمن کي ٽن مهينن جي پگهارن جي ادائگي نه ڪري انهن جي عيد جي خوشين کي ڦڪو ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته استادن جي جائز مطالبن جي حل جي لاءِ سنجيدگي سان قدم کنيا وڃن ها ۽ انهن کي ٽن مهينن جون پهگارون ڏنيون وڃن ها پر ائين نه ڪيو ويو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي استادن کي ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ انهن کي فوري طور تي پگهارون ڏنيون وڃن.
*****