Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عيدالاضحٰي کان هڪ ڏينهن اڳ رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر نور حسين سميت 21 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

 Posted on: 9/24/2015

ڪراچي: 24 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عيد الاضحٰي کان هڪ ڏينهن اڳ رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي 21 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ تيزي ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏکايل انسانيت جي خدمت کان روڪيو پيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ رينجر، پوليس ۽ سي آئي ڊي ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر نور حسين ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 105 جي ڪميٽي ميمبر وجيهه احمدکي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي ڪئي وئي آهي ۽ ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي کلون گڏ ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون به تيز ڪيون ويون آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار پاڙن جي ٻارن کي زبرستي پاڻ سان گڏ گاڏين ۾ ويهاري ۽ انهن کي ڊيڄاري ڪري اهو معلوم ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جو ڪهڙو ڪهڙو ڪارڪن کلون گڏ ڪرڻ جي ڪوشش رهي رهيو آهي ۽ پوءِ انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي ۽ جمهوري جماعت آهي ۽ ان جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي نالي تي شروع ڪيل آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙي ان جا سياسي ۽ جمهوري حق سلب ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف،آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن، گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين.
*****

7/17/2024 1:32:17 PM