Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف 37 سالن کان سڄي ملڪ ۾ عوام جي مدد ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فاورق ستار.


ڪي ڪي ايف 37 سالن کان سڄي ملڪ ۾ عوام جي مدد ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فاورق ستار.
 Posted on: 9/24/2015
ڪي ڪي ايف 37 سالن کان سڄي ملڪ ۾ عوام جي مدد ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فاورق ستار.
ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 24 سيپٽمبر 2015 
              ڪي ڪي ايف 37 سالن کان سڄي ملڪ ۾ غريبن، مفلسن، نادارن ۽ بيوائن جي مدد ڪري رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ڊاڪٽر فاروق ستار ڪي ڪي ايف ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جو چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت، ڊاڪٽر ارشد وهره ۽ خواجه سهيل منصور به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته عيد الاضحٰي قرباني ڏيڻ جي جذبي جو نالو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪروڙين خاندان مالي وسيلن جي ڪمي جي ڪري قرباني ڪرڻ کان قاصر رهن ٿا ۽ انهن خاندانن کي خوشين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪي ڪي ايف پنهنجي امداد جو وڏو حصو خرچ ڪري ٿي. ڪي ڪي ايف سڄي ملڪ ۾ غريبن، يتيمن، بيوائن ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪري ٿو جڏهن ته بيروزگار ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ موقعا به فراهم ڪري ٿو. انهن چيو ته عوام هن سال ڪي ڪي ايف کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ کلون ڏيئي ڪري ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندا. انهن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته ڪي ڪي ايف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اسپتالن جي به مدد ڪري ٿو ۽ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جا بلڊ بينڪ، ڊسپينسريون، سردخانا، اسپتالون، ايمبولينسون ۽ ميت بس سروس به عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف ڪراچي ۾ نذير حسين يونيورسٽي ۽ سن چيئرٽي جي زير اهتمام هلندڙ اسڪولن کي به ڪروڙين روپين جي امداد فراهم ڪري ٿو. انهن چيو ته قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي 
ڪيمپ فيڊرل بي ايريا ۾ جڏهن ته شهر جي باقي مختلف هنڌن تي 26 ڪليڪشن پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن جن جي فهرست جمعي جي اخبارن  ۾ شايع ڪئي ويندي. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف جا رضاڪار قرباني جون کلون گڏ ڪندي وقت ضابطه اخلاق جي پابندي ڪندا ۽ پاڻ سان گڏ شناختي ڪارڊ به رکندا. جڏهن ته کلن کي کڻڻدڙ ٽرڪن تي موجود ماڻهو به پاڻ سان گڏ اجازت ناما ۽ ڪوائف رکندا. انهن چيو ته ڪي ڪي ايف جا رضاڪار قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان مڪمل تعاون ڪندا ۽ جيڪڏهن اسان جي اداري جو ڪوئي به ماڻهو ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ڪندي پڪڙيو ويو ته ان جي خلاف به قانون جي مطابق ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اسان جي ڪليڪشن پوائنٽن تي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيش آئي ته حق پرست سينيٽر، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي گهرن تي کلون گڏ ڪيون وينديون. انهن وڌيڪ چيو ته اسان ڪڏهن به زبردستي قرباني جون کلون گڏ نه ڪيون آهن ۽ جناب الطاف حسين جي پهرين ئي ڏينهن کان عدم تشدد جي پاليسي رهي آهي. انهن چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ حڪومت جي به اها ذميواري آهي ته اهي به ضابطه اخلاق تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪن ۽ پنهنجن اخيتارن کان نه اورانگهن. انهن ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي عيد جا ٽئي ڏينهن کلون گڏ ڪرڻ جي عمل کي پاڻ مانيٽرنگ ڪن ۽ زيادتي ڪندڙ ڌر تي ڪڙي نظر رکن. انهن چيو ته جيڪڏهن ضابطه اخلاق تي پابندي جي باوجود رضاڪارن سان ناانصافي ڪئي وئي ته اسان قانون جي مطابق عدالتن جو دروازو کڙڪائينداسين. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي وڌ کان وڌ تعداد ۾ رضاڪارانه طور تي قرباني جون کلون ڏين.  انهن جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سمورن پاڪستاني ڀائرن کي عيد جي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ سانحه منٰي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو. 
*****

7/17/2024 2:34:01 PM