Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.


حق پرست عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
 Posted on: 9/24/2015
حق پرست عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي: 24 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هر سال وانگر هن سال به قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن ڪي ڪي ايف بهتر کان بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي ڪي ايف ملڪ جو سڀني کان وڏو فلاحي ادارو آهي جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان جو شروع کان ئي اهو موقف رهيو آهي اصل سياست اها هوندي آهي جيڪا ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ هجي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي ڪي ايف پوري ملڪ ۾ قدرتي آفتن ۽ حادثن جي موقعي تي متاثرن جي مدد ڪري ٿو. ڪي ڪي آزاد ڪشمير ۾ به ايندڙ زلزلي جي موقعي تي لکين متاثرن جي جهڙي طرح ڪيترن مهينن تائين خدمت ڪئي هئي اها ريڪارڊ تي موجود آهي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايندڙ سيلابن، ڏڪار، زلزلن ۽ حادثن جي موقعن تي به ڪي ڪي ايف جو ادارو سڀني کان پهرين موجود رهي ٿو. ڪي ڪي ايف جا اسپتال، ميڊيڪل سينٽر، بلڊ بينڪ، ايمبولينسون ۽ ميت بس سروس به عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف رهي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي ڪي ايف جون سموريون سرگرميون زڪوٰت، فطري، صدقن، قرباني جي کلن ۽ ٻين عطيات مان حاصل ٿين ٿيون ان جي ڪري عوام وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون ڏين ته جيئن اهو بهتر کان بهتر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهي.
*****

7/17/2024 2:42:24 PM