Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن اهو وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.


عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن اهو وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
 Posted on: 9/24/2015
عوام ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن اهو وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن: 24 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ جي سڀني کان وڏي اداري ڪي ڪي ايف کي قرباني جو کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن ڪي ڪي ايف وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اسان جو شروع کان ئي اهو موقف رهيو آهي ته اصل سياست اها هوندي آهي جيڪا پنهنجي مفاد جي لاءِ نه بلڪه عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت جي لاءِ ڪئي وڃي ۽ جيڪا سياست ڏکايل انسانيت جي خدمت کان خالي هجي ته اها سياست مفاد پرستي جي سياست هوندي آهي. انهن فرمايو ته انهي فڪر و فلسفي جي تحت تحريڪ جي شروع ۾ ئي اسان خدمت خلق ڪميٽي جي نالي سان هڪ فلاحي ادارو قائم ڪيو هو. جيڪو هاڻي خدمت خلق فائونڊيشن جي نالي سان خدمت ڪري رهيو آهي ۽ جنهن جو دائرو پوري ملڪ ۾ پکڙيل آهي. ڪي ڪي ايف پوري ملڪ ۾ قدرتي آفتن، سانحن ۽ حادثن جي موقعن تي متاثرن جي مدد ڪري ٿو. ڪي ڪي ايف آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ زلزلي جي موقعي تي به لکين متاثرن جي جهڙي طرح ڪيترن ئي مهينن تائين مدد ڪئي هئي اها ريڪارڊ جو حصو آهي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايندڙ سيلاب، ڏڪار ۽ ٻين قدرتي آفتن جي موقعن تي به ڪي ڪي ايف وڌي چڙهي ڪري متاثرن جي مدد ڪئي آهي ۽ اڄ به سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪائي آفت، ڏڪار، زلزلو يا ڪوئي حادثو ٿئي ته اتي ڪي ڪي ايف سڀني کان پهرين پهچي ٿو. انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف جا اسپتال، ميڊيڪل سينٽر، بلڊ بينڪ، ايمبولينسون ۽ ميت بس سروس به بغير ڪنهن فرق جي خدمت ۾ مصروف آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي ڪي ايف جون سموريون فلاحي سرگرميون زڪوٰت، فطري ، صدقن، قرباني جي کلن ۽ ٻين عطيات مان حاصل ٿيندڙ پيسن مان ئي پوريون ڪيون وڃن ٿيون. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ قرباني جون کلون ڏين ته جيئن اهو بهتر کان بهتر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهي.
*****

7/17/2024 2:23:56 PM