Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منٰي ۾ ڀاڄ پوڻ جي ڪري 700 کان وڌيڪ حاجين جي شهيد ٿيڻ ۽ 800 کان وڌيڪ حاجين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفا افسوس جو اظهار.


منٰي ۾ ڀاڄ پوڻ جي ڪري 700 کان وڌيڪ حاجين جي شهيد ٿيڻ ۽ 800 کان وڌيڪ حاجين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفا افسوس جو اظهار.
 Posted on: 9/24/2015
منٰي ۾ ڀاڄ پوڻ جي ڪري 700 کان وڌيڪ حاجين جي شهيد ٿيڻ ۽ 800 کان وڌيڪ حاجين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفا افسوس جو اظهار.
لنڊن: 24 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حج جي دوران منٰي ۾ ڀاڄ پوڻ جي ڪري 700 کان وڌيڪ حاجين جي شهيد ٿيڻ ۽ 800 کان وڌيڪ حاجين جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حج جي دوران ايتري وڏي تعداد ۾ حاجين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ جو واقعو وڏو افسوسناڪ آهي ۽ ان دردناڪ واقعي سڄي دنيا جي مسلمانن کي غمگين ڪري ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين شهيدن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به فرمائي.
*****

7/17/2024 2:25:34 PM