Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد الاضحٰي جي مبارڪباد پيش.


پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد الاضحٰي جي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 9/24/2015
پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد الاضحٰي جي مبارڪباد پيش.
عيد الاضحٰي هڪ عظيم ۽ وڏي مقصد جي قرباني جو درس ڏيئي ٿي. جناب الطاف حسين.
لنڊن: 24 سيپٽمبر 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالاضحٰي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ فرمايو آهي ته عيدالاضحٰي هڪ عظيم ۽ وڏي مقصد جي لاءِ پنهنجين خواهشن جي قرباني ڏيڻ جو درس ڏيئي ٿي. عيدالاضحٰي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته عيدالاضحٰي حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت مبارڪ آهي ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام الله تعالٰي جي حڪم تي نه صرف پنهنجي سڀني کان پياري ۽ لاڏلي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي قرباني جي لاءِ پيش ڪيو پر الله تعالٰي جي رضامندي جي لاءِ اوهان جي فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام به فرمانبرداري جو مظاهرو ڪيو ۽ الله تعالٰي جي راھ ۾ پاڻ کي قرباني جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته عيد هڪ مذهبي ڏڻ آهي ۽ ان ڏينهن جو تقاضا آهي ته الله تعالٰي جي راھ ۾ قرباني ڪئي وڃي ۽ غريبن جي مدد ڪئي وڃي. انهن حق پرست عوام خصوصن مخير حضرات کي به اپيل ڪئي ته اهي عيد جي موقعي تي غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن ۽ محتاجن کي ياد رکن ۽ انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شامل رکن. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به هدايت ڪئي ته اهي به عيد جي خوشين ۾ حق پرست شهيدن جي پونئرن، لاپتا ڪارڪنن ۽ اسير ڪارڪنن جي گهرن وارن ۽ پريشانين جي شڪار عوام کي به هرگز  نه وسارين ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي سڄي دنيا جي مسلمانن تي عيد جي رحمتن ۽ برڪتن جو نزول فرمائي، پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي، ملڪ کان انتها پسندي ۽ مذهبي دهشت گردي جو خاتمو ڪري، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪري، ملڪ جي عوام ۾ اتحاد ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري، ايم ڪيو ايم جي سمورن شهيدن جا درجات بلند فرمائي، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن جي پريشانين جو خاتمو ڪري، ايم ڪيو ايم جي حق پرست جدوجهد کي ڪاميابي عطا فرمائي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن کي ناڪام بڻائي.آمين. 
*****

7/17/2024 2:40:18 PM