ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ذميوارن سان گڏجي طارق گرائونڊ جو دورو.
ڪراچي: 23 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪمال ملڪ، ارشد حسن ۽ اقبال مقدم ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ذميوارن سان گڏجي قرباني جي کلن جي سلسلي ۾ فيڊرل بي ايريا ۾ طارق گرائونڊ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به انهن سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڪهف الورٰي ڪارڪنن ۽ رضاڪارن سان انتطامن جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ به ڪئي ۽ ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين طرفان خراج تحسين به پيش ڪيو. جڏهن ته انهن طارق گرائونڊ ۾ تيارين ۾ مصروف اسيمبلي ميمبرن کان بريفنگ به ورتي.
*****