قرباني جي جانورن جي اوجھ جلد کان جلد کڻڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو وڃي.سنڌ اسيمبلي جا حق پرست مستعفي ميمبر.
ڪراچي: 23 سيپٽمبر 2015
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست مستعفي ميمبرن چيو آهي ته قرباني جي جانورن جي اوجھ کڻڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ اسٽاف کي پابند ڪيو وڃي ته اهي قرباني جي جانورن جي اوجھ کڻڻ ۽ انهن کي محفوظ طريقي سان ٺڪاڻي لڳائين. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ماضي ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته قرباني جي جانورن جي اوجھ کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو پهرين کان ڪوئي به پروگرام ترتيب ڏنو نه پيو وڃي ۽ نه ئي اسٽاف مقرر ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ڪري گهٽين ۽ روڊن تي گندگي ڦيلجي وڃي پئي ۽ وبائي مرض به ڦيلجن پيا. انهن وزير بلديات ۽ ڪراچي جي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اهي قرباني جي جانورن جي اوجھ کڻڻ جا اڳواٺ ئي خصوصي انتظام ڪرائين.
*****