Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قرباني جي عيد جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي زيرصدارت اي پي ايم ايس او جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس.


قرباني جي عيد جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي زيرصدارت اي پي ايم ايس او جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس.
 Posted on: 9/23/2015
قرباني جي عيد جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي زيرصدارت اي پي ايم ايس او جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس.
ڪارڪن عوام سان سٺي اخلاق سان پيش اچن ۽ حڪومت جي طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل به ڪرائين. سيد امين الحق.
ڪراچي: 23 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي صدارت قرباني جي عيد جي سلسلي ۾ اي پي ايم ايس او جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد امين الحق ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن سان گڏ قرباني جون کلون گڏ ڪندي وقت حڪومت جي طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان مڪمل تعاون به ڪن.  انهن ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته اهي عوام سان سٺي اخلاق سان پيش اچن ۽ ڪنهن به قسم جي زور و زبردستي کان پاسو ڪن ۽ ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون ڏيڻ وارن جو شڪريو به ادا ڪن. ان موقعي تي وسيم اختر ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪارڪن ماضي وانگر هن ڀيري به جناب الطاف حسين جي امن پسندي جي پاليسي تي عمل ڪندي ڪنهن به قسم جي ٽڪراءُ ۽ تشدد کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي وچ ۾ شرپسندن تي ڪڙي نظر به رکن. ان موقعي تي طارق جاويد ڪارڪنن کي حڪومت جي طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق به پڙهي ٻڌايو.
*****

7/17/2024 2:22:48 PM